ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير پي اينڊ ڊي چيئرمين کي ڪي-فور جي توسيع جي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪنديپاڻي ذخيرا ون ۽ پاڻي ذخيرا ٽو تي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي-فور منصوبي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، پي اينڊ ڊي جي چيئرمين نجم شاهه، بلديات سيڪريٽري وسيم شمشاد، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي-فور عثمان معظم ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪي-فور جي توسيع عالمي بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي ۽ منصوبي لاءِ سامان جي خريداريءَ جو عمل جاري آهي.
لوٽ ون ۾ پاڻي ذخيرا ون کان واءِ جنڪشن تائين پاڻي جي منتقلي ٿيڻي آهي، لوٽ ٽو ۾ پاڻي جي لائين پاڻي ذخيرا ٽو کان سرسيد يونيورسٽي تائين ٺاهي آهي،
لوٽ ٿري ۾ پاڻي جي لائين سرسيد يونيورسٽي کان گلٻائي تائين وڇائڻي آهي ۽ لوٽ فور ۾ پاڻي جي لائين پاڻي ذخيرا ٿري کان بنارس تائين پاڻي جي منتقلي جو نظام تيار ڪيو ويندو.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي-فور ۽ بي آر ٽي جي 2.7 ڪلوميٽر گڏيل راهداري آهي، جنهن ۾ 96 ۽ 72 انچ قطر جي پائيپ لائين شامل آهي، پاڻي جي پائپ لائين عزيز ڀٽي پارڪ وٽ 72 انچ ٿي ويندي، جيڪا اردو ڪاليج جي ڀرسان گذرندي، گڏيل راهداري جو ڪم ايوارڊ ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڪم سيپٽمبر ۾ شروع ڪيو ويندو.
وڏي وزير پي اينڊ ڊي چيئرمين کي ڪي-فور جي توسيع جي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پاڻي ذخيرا ون ۽ پاڻي ذخيرا ٽو تي به تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هن چيو ته پاڻي ذخيرا ون ۽ ٽو گڏائي ڪري 24 ڪلوميٽر تي ٿئي ٿو ۽ ڪي-فور جي توسيع جو منصوبو انتهائي اهم آهي.
وڏي وزير زور ڏنو ته منصوبي جي سڀني لوٽن جو ڪم معياري هئڻ گهرجي ۽ ميئر ڪراچي کي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.