لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جي 16 دروازن جي تبديليءَ کانپوءِ هڪ گيٽ کولي افتتاح ڪيو.
آبپاشي وزير لاڙڪاڻو ۾ عاقل بند جو معائنو ڪندي چيو ته خوشي آهي جو ڪاميابي سان سکر بئراج جا 16 گيٽ تبديل ڪيا ويا آهن، هلندي درياهه سان گڏ گيٽ تبديل ڪرڻ وڏو چئلينج هو.
هن ٻڌايو ته 16 گيٽ تبديل ٿيڻ سان بئراج جي مدي ۾ وڌيڪ 30 سال جو واڌارو ٿيو آهي، جڏهن ته باقي 28 گيٽ جون 2026ع تائين تبديل ڪيا ويندا.
سکر بئراج جا پاڪٽس گيٽ ٽئين مرحلي ۾ بدلايا ويندا، گيٽن جي تبديلي دوران پاڪ-ڀارت جنگ، وڪيلن جا احتجاج ۽ دهشتگردي جا چئلينجز به سامهون آيا.
ڄام خان شورو چيو ته سکر بئراج ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري هڏي آهي ۽ هڪ تاريخي بئراج آهي، سڀني دروازن جي تبديلي سان 3500 ٽن وزن گهٽجندو.
چيني انجينيئرن جي سيڪيورٽي لاءِ باءِ پاس پل تي شيٽس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته سکر بئراج جي متبادل نئين بئراج بابت اسٽڊي جاري آهي.
آبپاشي وزير سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته ايترو پاڻي ڇڏيو ئي نه پيو وڃي جو واري وهي سگهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ” اسان جو موقف آهي ته اپريل ۾ ضرورت موجب پاڻي ڏنو وڃي، وقت تي پاڻي ملندو ته فصل به وقت تي پوکي سگهبا. پاڻي جا مسئلا اڃا تائين موجود آهن ۽ ان لاءِ اسان وڙهي رهيا آهيون. پاڻي اچي به ٿو ته برسات جو اچي ٿو، جيڪو ڪم جو نه آهي.“