ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) پنجاب کان بلوچستان ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي شام کانپوءِ سفر تي پابندي مڙهي وئي آهي.
ڊيرا غازي خان جي ڊپٽي ڪمشنر عثمان خالد موجب، شام 5 وڳي کانپوءِ ڪنهن به مسافر گاڏي کي سرحدي علائقي بواٽا وٽ روڪيو ويندو ۽ بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل کانپوءِ حڪومت طرفان هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ٽرانسپورٽرز کي شام جي سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ڊي سي موجب، شام 5 وڳي کان پوءِ ڪا به مسافر گاڏي ڊي جي خان کان بلوچستان ۾ داخل نه ٿي سگهندي، گاڏيون صبح 5 وڳي کانپوءِ سفر جاري رکي سگهنديون.
You might also like