دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران کانپوءِ گڏيل عرب رياستن به اهڙن افغان شهرين کي واپس موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪي طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ مان ڀڄي آيا هئا.
يو اي اي مان واپسي جو عمل 10 جولاءِ کان شروع ڪيو ويو آهي، جتي اٽڪل 2 لک افغان شهرين کي آمريڪا جي درخواست تي عارضي پناهه ڏني وئي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايران، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن هاڻي اهڙن افغان شهرين کي سيڪيورٽي خطرو سمجهڻ لڳا آهن.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي پوسٽ ڪندي چيو هو ته هو گڏيل عرب امارتن ۾ ڦاٿل افغان شهرين جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
You might also like