ٽيمون ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ رڌل آهن، ڍاڪا جي پِچ کيڏڻ جوڳي نه هئي: پاڪستاني هيڊ ڪوچ

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کانپوءِ شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم جي پِچ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اها انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي معيار تي پورو نه ٿي لهي.
گذريل ڏينهن پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستاني ٽيم 19.3 اوورن ۾ 110 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
شروعاتي اوورن کان ئي گرين شرٽس ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ اٺين اوور اسڪور 5 وڪيٽن تي 46 رنس هو، بيڪار شاٽ سيلڪشن ۽ ٽن رن آئوٽن سبب صورتحال ويتر خراب ٿي وئي.
ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي مائڪ هيسن اعتراف ڪيو ته بيٽرن پچ کي صحيح طريقي سان نه سمجهي سگهيا.
هيڊ ڪوچ پِچ معيار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ” مان سمجهان ٿو ته اِها پِچ ڪنهن لاءِ به مناسب نه هئي، ٽيمون ايشيا ڪپ يا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياريون ڪري آهن، اهڙي قسم جي پِچ ناقابلِ قبول آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته فخر زمان ڪجهه جارحاڻا اسٽروڪ کيڏيا، جنهنڪري ٽيم کي غلط تاثر مليو، وچ وارن اوورن ۾ غلط شاٽ سيلڪشن اسان کي نقصان پهچايو ۽ جڏهن بال سيم ۽ بائونس ٿيڻ لڳو ته اسان خطري کي سمجهي نه سگهيا.
ٻئي پاسي بنگلاديشي اوپنر پرويز حسين ايمن پاڪستاني هيڊ ڪوچ جي بيان سان اختلاف ڪندي چيو ته ” اسان کي ته پچ خراب محسوس نه ٿي، ڇو ته اسان 16 اوورن کان به اڳ ٽارگيٽ پوورو ڪري ورتو.“
هن چيو ته ” جيڪڏهن ويهه اوورن کيڏون ها ته 150–160 رنسون سولائيءَ سان ٺهي وڃن ها، اسان حالتن کي بهتر نموني پرکي ورتو هو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.