سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو طريقيڪار تبديل، پرڻيل عورتن لاءِ نئين سهولت متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڌيڪ 3 وڏا نادرا رجسٽريشن سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نادرا ترجمان سيد شباهت علي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته نادرا جا 3 وڏا سينٽر ملير ڪينٽ، ملير ۽ سرجاني ٽائون ۾ ٺاهيا ويندا.
هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ قومي سڃاڻپ جي قانونن ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، ڄم، موت، شادي ۽ طلاق جا سرٽيفڪيٽ هاڻ يونين ڪائونسل جاري ڪندي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ب فارم ۾ ٻارن جون تصويرون شامل ڪيون ويون آهن ۽ چائلڊ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ 3 سالن جي ٻارن تائين پراڻي طريقي موجب هوندو، ان تي تصوير نه هوندي، جڏهنته 3 سالن کان وڏي عمر وارن ٻارن جي چائلڊ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ تي تصوير ۽ بايوميٽرڪ هوندي، جيڪو 10 سالن جي عمر تائين هوندو ۽ 10 سالن کان 18 سالن تائين نئون سي آر سي تصوير ۽ بايوميٽرڪ سان جاري ڪيو ويندو.
ترجمان موجب، اڳ ۾ ٺاهيل ب فارم برقرار رهندا، پر پاسپورٽ ٺاهڻ لاءِ نئون سي آر سي ٺهرائڻو پوندو، پراڻي ب فارم تي پاسپورٽ نه ٺهندو، ان کانسواءِ هر ٻار لاءِ الڳ ب فارم جاري ڪيو ويندو.
نادرا جي ايپ ذريعي فيملي جا سمورا تفصيل حاصل ڪري سگهجن ٿا.
هن چيو ته ايف آر سي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي يا کوٽ آهي ته ان کي درست ڪري سگهجي ٿو، جيڪي ماڻهو غيرقانوني طريقي سان ڪارڊ حاصل ڪيو آهي، اهي رضاڪاراڻي طور ڪارڊ واپس ڪري سگهن ٿا، رضاڪاراڻي طور ڪارڊ واپس ڪندڙن خلاف في الحال ڪا قانوني ڪارروائي نه ٿيندي، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ کي قانوني دستاويز جو درجو ڏئي ڇڏيو ويو آهي.
ترجمان موجب، ايف آر سي هاڻ وراثتي معاملن ۽ اهم قانوني معاملن لاءِ قابل قبول هوندو ۽ ايف آر سي خاندان جي مختلف ڪيٽيگريز موجب جاري ڪيو ويندو.
هن چيو ته نادرا جو رڪارڊ مڪمل طور محفوظ آهي، پرڻيل عورتن کي به سهولت ڏني وئي آهي ته اهي سڃاڻپ ڪارڊ تي پيءُ يا مڙس جو نالو لکرائي سگهن ٿيون.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اڳوڻي چيئرمين نادرا سميت ڪرپشن ۾ ملوث هڙني ملازمن خلاف جاچ جاري آهي، ۽ نادرا ۾ ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.