ڪراچي: پلاٽ جي تڪرار تان ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پلاٽ جي تڪرار تان ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، واقعو ملير جي ريڙهي ڳوٺ واري علائقي ۾ پيش آيو جتي خاندان ۾ پلاٽ جو تڪرار هلندڙ هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ڀاءُ کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، جنهن جو هن اعتراف به ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.