بلوچستان واقعو: 15 جوابدارن تي ڪيس داخل، سردار شيرباز ساتڪزئي سميت 13 ڄڻا گرفتار

بلوچستان (ويب ڊيسڪ) بلوچستان واقعي ۾ 15 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪندي سردار شيرباز ساتڪزئي سميت 13 ڄڻن گرفتار ڪيو ويو آهي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، بلوچستان جي علائقي سنجدي ڊگاري ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جو ڪيس هنا اوڙڪ ٿاڻي ۾ 15 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ هنيئر تائين 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن تصديق ڪئي ته سردار شيرباز ساٽڪزئي سميت 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
بي بي سي سان ڳالهائيندي ايس ايس پي انويسٽيگيشن وِنگ سيد صبور آغا چيو ته 11 شڪي جوابدارن حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن مان ٻن جي باضابطا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي، جڏهن ته ٻين خلاف جاچ جاري آهي.
پوليس موجب، هي واقعو عيد کان ٽي ڏينهن اڳ پيش ۽ ان جي وڊيو واقعي جي 35 ڏينهن بعد وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ اعلى اختيارين طرفان جاچ جو حڪم ڏنو ويو.
گذريل آچر کان وائرل وڊيو ۾ مبينا طور ڪجهه هٿياربند ماڻهو هڪ مرد ۽ عورت کي گولين هڻي قتل ڪري رهيا آهن.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شديد عوامي ردعمل سامهون آيو ۽ سوشل ميڊيا تورڙي ميڊيا تي هي واقعو بحث جو موضوع بڻجي ويو ۽ اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس سنجدي ڊگاري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيـف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي 22 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.
هواڏنهن جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئيٽا سنجدي ڊگاري ۾ قتل ٿيل عورت جي قبرڪشائي جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي، عدالتي حڪم تي جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ عورت جي قبرڪشائي ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان مير سرفراز بگٽي سومر تي ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو بانو بي بي ۽ احسان الله ٻئي زال مڙس نه هئا، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سرفراز بگٽي چيو ته عوام کي حقيقتن بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي چيو پئي ويو ته مقتول تازو پرڻيل جوڙو هو پر ائين نه هو، مقتولن جي وچ ۾ ڪو به ازدواجي لاڳاپو نه هو، عورت پنج ٻارن جي ماءُ هئي ۽ قتل ٿيندڙ مرد جا به 4، 5 ٻارن جو اولاد هو.
هن چيو ته واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان اڳ ئي معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ آءِ جي کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو، ڪيس ۾ هينئر تائين 11 ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جيڪي به ڪيس ۾ ملوث هوندا کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
سرفراز بگٽي چيو ته پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته رياست هميشه مظلومن سان گڏ رهي آهي، هن ڪيس ۾ به رياست مظلومن سان گڏ آهي، ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اِها ان جي ذميواري هئي ته معاملي بابت حڪومت کي آگاهه ڪري، مان هن ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس طور وٺي رهيو آهيان.
هڪ سوال جي جواب ۾ بلوچستان وڏي وزير چيو ته اهڙا ڪيترائي جرڳا ٿين ٿا، انهن کي روڪيو به ويو آهي، ، اسان جرڳن کي پروموٽ نه ڪنداسين، اسان کي آئين موجب هلڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.