ڪجهه ماڻهن ”ڀَنگ“ پيئڻ جي صلاح ڏني، پر مان ”ڊرگز“ آزمائڻ چاهيان ٿي: مرينا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ۽ هدايتڪار مرينا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ مرڻ کان اڳ هڪ ڀيرو منشيات (ڊرگز) آزمائڻ چاهي ٿي.
مرينا خان جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي ناليوارن شوبز شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، هن ”تنهايان“، ” ڌوپ ڪناري“۽” جيڪسن هائيٽس“سميت ڪيترن ئي ڊرامن ذريعي شهرت حاصل ڪئي.
اداڪارا تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي زندگي سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا
انٽرويوءَ دوران مرينا خان ٻڌايو ته شارجا ۾ ميچون ٿي رهيون هيون ، جتي کيس، شهناز، ليلا زبيري ۽ شڪيل صاحب کي دعوت ڏني وئي هئي، وي آءِ پي سيليبريٽي پويليين مان ميچ ڏسڻ هڪ عجيب احساس هو، ڇو ته هن ڪڏهن پاڻ کي سيليبريٽي نه سمجهيو هو.
سندس چوڻ هو ته ميچ کانپوءِ جڏهن هوءَ شهناز سان گڏ ڪار ۾ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻاهر نڪتي ته اوچتو اوندهه ڇانئجي وئي، ڇو جو ڪار ماڻهن جي ميڙ جي گهيري هيٺ اچي چڪي هئي، ميچ ختم ٿيندي ئي مداحن جو ميڙ ٻاهر اچي ويو، جيئن ئي ڪار هلي ته چوڌاري ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا، تڏهن احساس ٿيو ته مشهور ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي، اهو هڪ حيرت جوڳو ۽ غيرمعمولي تجربو هو.
ميزبان طرفان سوال ڪيو ويو ته ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا هوءَ آزمائڻ چاهي ٿي؟ جنهن تي مرينا خان جواب ڏنو ته هوءِ هڪ ڀييرو منشيات آزمائڻ چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ ڄاڻڻ چاهي ٿي ته ماڻهو ان جي ( ڊرگز) پويان ايترا ڇو چريا آهن ۽ ان ۾ اهڙي ڪهڙي ڪشش آهي جيڪا کين متاثر ڪري ٿي.
مرينا خان موجب، سندس آزاد ۽ ترقي پسند خيال رکندڙ خاندان سان واسطو آهي، جتي ڪنهن به شيءِ تي سختي نه هئي، پر پاڻ ڊپ سبب ڪڏهن اهڙو قدم نه کنيو، پر هاڻي جڏهن عمر گذري ويئي آهي ته دل ۾ خيال اچي ٿو ته مرڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ( ڊرگز ) آزمايان.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنهن کيس صلاح ڏني هئي ته هوءَ پهرين ڀنگ پيئي، پر پوءِ ٻڌم ته منشيات استعمال ڪرڻ کانپوءِ انسان پنهنجي ظابطي ۾ ناهي رهندو آهي، تنهنڪري ڪڏهن اهو تجربو نه ڪيو، پر جيڪڏهن ڪڏهن آزمائڻ جو سوچيو به ته پنهنجي ويجهن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ئي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.