ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس سنجدي ڊگاري ۾ مرد ۽ عورت جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيـف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي 22 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.
ٻئي طرف جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئيٽا سنجدي ڊگاري ۾ قتل ٿيل عورت جي قبرڪشائي جو حڪم پڻ جاري ڪيو، عدالتي حڪم تي جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ عورت جي قبرڪشائي ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان جي علائقي سنجدي ڊگاري ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ هنيئر تائين 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جو ڪيس هنا اوڙڪ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته بلوچستان جي علائقي سنجدي ڊگاري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن جي وڊيو ڪجهه ڏينهن اڳ منظرعام تي آئي هئي، بلوچستان وڏي وزير مير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس ورتو هو
وڏي وزير بلوچستان سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته آپريشن جاري آهي، سمورن ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچايو ويندو، رياست مظلوم سان گڏ آهي.
بلوچستان ۾ جوڙي جو بيدرديءَ سان قتل: هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو نوٽيس، قبر ڪشائي جو حڪم
You might also like