اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هن ڏوهه ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، بلاول ڀٽو چيو ته اميد آهي ته جوابدار جلد قانون جي گرفت ۾ ايندا، هن چيو ته بلوچستان حڪومت لاءِ هي قتل هڪ ٽيسٽ ڪيس هئڻ گهرجي، ڇو ته اهو صنفي دهشتگردي جو واقعو آهي، پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام عورتن کي پسند جي شادي جي اجازت ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جو آئين به هن حق جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي جي منشور مطابق عورتن خلاف تشدد ۽ امتيازي سلوڪ بابت پارٽي جي پاليسي هميشه زيرو ٽالرنس واري رهي آهي.