پني عاقل ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي 2 نوجوان قتل،هڪ زخمي

سکر/پنوعاقل(رپورٽ :سيد نعيم شاھ+راجا سليم مهر)سکر ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو سکر جي پنوعاقل جي مبارڪ پور ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل،هڪ ڄڻو  زخمي، خبر موجب پنوعاقل ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڏوھارين ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا حفيظ مھر ، نثار مھر ۽ احمد علي مھر زخمي ٿي پيا تعلقي اسپتال  پنوعاقل منتقل ڪيل زخمين مان 2 ڄڻا احمد علي مھر۽ نثار احمد مھر زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا ۽ حفيظ مهر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس سي ايم ايچ ڇانوڻي علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو‎،ممقتول نوجوانن جا لاش ضرور ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳ جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.