ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي بلوچستان جي حوالي سان وائرل ٿيل وڊيو بابت بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو موقف سامهون آيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس ”اڳوڻي ٽوئيٽر“ تي پوسٽ ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي لکيو آهي ته گذريل ڏينهن عورت ۽ مرد کي قتل ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ جو فوري طور تي نوٽيس ورتو، بلوچستان پوليس کي ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
هن چيو ته وڊيو ۾ مارجي ويل عورت ۽ مرد جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، واقعو عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ جو آهي.
سرفراز بگٽي وڌيڪ لکيو آهي ته رياست جي فرياد تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري هڪ شڪي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾بلوچستان جي پهاڙي علائقي ۾ هڪ ڪجهه ماڻهن هٿان عورت ۽ مرد کي قتل ڪيو پيو وڃي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگي ۾ هڪ عورت گاڏين ۽ مردن کان پري وڃي ٿي ته کيس گولين جو وسڪارو لاهي قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ هڪ ٻي مرد کي به برسٽ هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو.
وڊيو بابت سوشل ميڊيا تي لکيو ويو آهي ته ڄاڻايل مقتول جوڙي کي پسند جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جرڳو ڪري کين قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي جنهن کانپوءِ کين پهاڙي علائقي ۾ آڻي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ويو.
وڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو مقتول عورت کي قرآن پاڪ به کنيل آهي، جڏهن ته قتل ٿيڻ کان اڳ هن بلوچي زبان جوابدارن کي چئي چيو ته ”رڳو گولي هڻڻ جي اجازت آهي.“