بنگلاديش پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي مات ڏئي ڇڏي

ميرپور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميرپور جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان لِٽن داس ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
بنگالي بالرن آڏو پاڪستاني بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
فخر زمان کانسواءِ ڪو به بيٽر وڪيٽ تي گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو، فخر زمان سڀ کان وڌيڪ 44 رنسون ٺاهيون.
ان کانسواءِ آل رائونڊر عباس آفريدي ٽن ڇڪن جي مدد سان 22 ۽ خوشدل شاهه 17 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3 ۽ مستفيض الرحمان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ميزبان بنگلاديش 111 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 16هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
پرويز حسين 56 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، توحيد هردوئي 36 ۽ ذاڪر علي 15 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي طرفان سلمان مرزا 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي پرويز حسين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
بنگلاديش ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.