برسات دوران عوام جي حفاظت لاءِ تياري ۽ ڪجھه اھم پاسا

برسات جي مند ھلي رھي  آھي. مٿي گھڻي برسات پوڻ بعد ان جو پاڻي درياھ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري سنڌو درياءَ ۾ سکر ۽ گڊو بئراج وٽ ھيٺين درجي جو چاڙهه رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ارسا موجب سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ھيٺين درجي واري ٻوڏ  ھلندڙ  آھي. گذريل ڏينھن  سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو  3 لک 1 ھزار 100 ڪيوسڪ مان گھٽجي 2 لک 64 ھزار155ڪيوسڪ تي پھتو آهي. گڊو بئراج وٽ وري پاڻيءَ جو مٿيون  وھڪرو  2 لک 33ھزار 116ڪيوسڪ مان وڌي  2 لک 39 ھزار447 ڪيوسڪ تي پهتو آهي.

ٻئي طرف ارسا جي ذريعن موجب ھن وقت دريائي وهڪرن ۾ مجموعي طور تي ايندڙ پاڻي 4 لک 10ھزار ڪيوسڪ آهي ڪئنالن ۽ ڊيمن ۾ کڻت بعد باقي ڇڏيل پاڻي 3 لک 68 ھزار 500ڪيوسڪ بچي ٿو.ٻئي طرف رم اسٽيشنن يا اپر ڪيچمنٽ ۾ برساتن جا ايڏا وڏا وسڪارا ناھن ٿيا. ڪجھه شھرن نالن ندين ۾ ٻوڏ جي صورتحال برسات واري پاڻي جي آھي.ھن وقت تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2 لک   60 ھزار200 ڪيوسڪ پاڻي جو نيڪال 2 لک 59 ھزار800 ڪيوسڪ آهي. چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 30 ھزار 874 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3 لک 93 ھزار 419 ڪيوسڪ تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو  2 لک 18ھزار 352ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو  2 لک 6 ھزار 852 ڪيوسڪ  ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 96 ھزار 629 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2لک  89 ھزار 74ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ڪابل نديءَ ۾ نوشهرا جي مقام وٽ پاڻي جي سطح 35ھزار 600 ڪيوسڪ تي پھچي وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ پاڻي جي تيزيءَ سان آمد جاري آهي ڪچو ٻڏڻ سبب اتان جا رھواسي پنهنجي گھر ڀاتين سان گڏ مال ۽ سامان سميت لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف اچي رهيا آھن.

ٻئي پاسي حڪومت سنڌ چوماسيءَ  جي برسات دوران عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن ۽ بلدياتي ادارن جي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمينن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برسات جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جا بندوبست ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمينن کي هيٺين علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپس جي موجودگي هر حالت ۾ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.سنڌسرڪار  ڪراچي شھر جي قديم علائقن جي 59 خطرناڪ عمارتن جي نشاندھي ڪئي آهي، جن مان 10 عمارتن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. هن وقت تائين 41 انتهائي خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو آهي ته جيئن انساني جانيون بچائي سگهجن. امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ هڪ رين ايمرجنسي سينٽر بھ قائم ڪيو ويو آهي.

پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز وسڪارو ٿيو آھي، جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو آھي، ٽنڊوالهيار، بدين، ٺٽي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ برسات وٺي آھي. ڪنري، ٽالهي، نبي سر روڊ، بودر فارم، ٽالهي، چمبڙ، سنجر چانگ، نئون دمبالو، ڪپري موري، ٻڍو قمبراڻي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، نندو، پنگريو، ٽنڊوباگو، نئون ڪوٽ، ڪلوئي، شادي لارج، کوسڪي، تلهار، کورواهه، ڪڙيو گهنور ۾ وسڪارو ٿيو، چوهڙجمالي سميت سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا سان گڏ مينهن وٺو، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۾ به هلڪي برسات پئي، جنهن ڪري گرمي ۽ گھٽ ٻوسٽ جو زور ٽٽي  ويو، ٽنڊومحمد خان، ماتلي، سيراڻي، راڄوخاناڻي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان وسڪارو ٿيو، ڏيئي، ڄام صاحب، ملڪاڻي شريف، نئون آباد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات پئي آھي.

پنجاب ۾ برساتن دوران صوبي جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب 25 جون کان هن وقت تائين 123 ماڻهو فوت ۽ 462 زخمي ٿي چڪا آهن، صوبي ۾ رڪارڊ برسات ٿي، جنهن شهري ٻوڏ پيدا ڪئي ۽ ڪيترائي رهائشي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، انهن مان 71 موت رڳو گذريل ٻن ڏينهن دوران رپورٽ ٿيا آهن، انهن ۾ لاهور ۽ چنيوٽ مان 3-3، اوڪاڙو مان 2، جڏهن ته چڪوال ۽ سرگوڌا ۾ هڪ هڪ شهري فوت ٿيو، چڪوال ۾ ٻه ماڻهن جا لاش مليا، جيڪي پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جڏهن ته هڪ شخص گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيو.جڏهن ته پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ اڄ 20 هين جولاءِ کان وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، پي ڊي ايم اي جي هڪ ٻي وارننگ مطابق ايندڙ  ٻن ڏينھن  دوران ڪالا باغ ۽ چشما جي هنڌ تي سنڌو درياهه ۾ اوچي سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي.

سنڌ ۾ حڪومت پاران ظاھري طور تھ اھو ڄاڻايو پيو وڃي تھ عوام جي سار سنڀال لھڻ ۽ انھن جي جان مال جي حفاظت جي تياري ڪئي وئي آھي. اھو سٺي ڳالھھ آھي جو ھن ڀيري حڪومت وقت سر اھي انتظام ڪيا آھن، اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت جون لاڳاپيل اھي اختياريون برسات جي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نھ ڪنديون جيئن ڪنھن امڪاني نقصان کان بچي سگھجي.

بھرحال ھن کان اڳ جو تجربو اھو ٻڌائي ٿو تھ سنڌ ۾ موجود روڊن رستن ۽ پيلن جو ڍانچو اھڙو جٽادار بھ نھ آھي جيڪو ڪنھن زورائتي برسات جي سٽ سگھي سگھي. ان ڪري لاڳاپيل اختيارن کي ان سلسلي ۾ ڪنھن بھ سستي جو مظاھرو نھ ڪرڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جو ھن کان اڳ  ورھين جي ڪارڪردگيءَ رڳو ھڪڙي ئي چڱي موچاري وسڪاري ۾ وھي ويندو آھي ۽ شھرن ۾ پاڻي کڏا کوٻا ٺاھي بيھي رھندو آھي جنھن ڪري اھو عمارتن کي نھ رڳو نقصان رسائيندو آھي پر ان جي بيھڻ سان وري بيماريون بھ منھن ڪڍنديون آھن.

حڪومت جو سسٽم جيڪڏھن بھتر طريقي سان ھلندڙ ھجي تھ ڪر ڪا بھ برسات رحمت بدران عوام جي لاءِ زحمت نٿي بڻجي سگھي، پر اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ، شھرن توڻي ڳوٺن ۾  قانون جي لتاڙ ڪندي برسات جي گذرڻ جا رستا والاريا ويا آھن، جنھن ڪري بھ اھو مسئلو اڀري ٿو، توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار ان طرف بھ ڌيان ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.