” خدا منهنجي ٻُڌي“ وڪي ڪوشل جي پيءُ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ايڪشن ڊائريڪٽر ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي پيءُ والد شام ڪوشل پنهنجي زندگي جي سڀ کان اونداهي دور جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته 2003ع ۾ ڪينسر جي نشاندهي کانپوءِ هو زندگيءَ مان مڪمل مايوس ٿي ويو هو ۽ سنجيدگي سان آپگهات بابت سوچڻ لڳو هو.
هڪ پوڊڪاسٽ دوران ڳالهائيندي شام ڪوشل ٻڌايو ته جڏهن کيس ڪينسر جي بيماريءَ جو پتو پيو، تڏهن سندس دنيا ئي بدلجي وئي هئي.
هن اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي زندگي جو انت آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو ۽ اسپتال جي ٽِيڻ ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جو سوچيو هو ، پر آپريشن کانپوءِ پيٽ جي سخت سور سبب حرڪت نه ڪري سگهيو ۽ اِها ڪوشش ناڪام رهي.
سندس چوڻ هو ته کيس پهريون دفعو پيٽ ۾ سور جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن هو ريٿڪ روشن سان فلم “لڪشيا“جي شوٽنگ ڪري رهيو هو، پر هن هن سور کي نظرانداز ڪيو
ان کانپوءِ شوڪت بينگل جي فلم ”نيتاجي سڀاش چندر بوس“ جي شوٽنگ دوران سور وڌي ويو ۽ کيس ترت اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس آپريشن لاءِ راضي ڪيو.
هن اُن وقت کي ساريندي چيو” شام جو اطلاع ڏنو ويو ته مون کي هڪ خطرناڪ بيماري وڪوڙي وئي ۽ بچڻ جا امڪان گهٽ آهن، رات جو منهنجي دل ۾ خيال آيو ته جيڪڏهن مرڻو ئي آهي ته هاڻي ڇو نه مران؟ پر جسماني ڪمزوري ۽ سور سبب مان چُري نه سگهيس.“
شام ڪوشل وڌيڪ چيو ته ” مان انهيءَ رات خدا سان دل جي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته مون کي اهڙي زندگي نه کپي جتي مان پنهنجي ڪٽنب تي ٻوجهه بڻجي وڃان، جيڪڏهن ممڪن هجي ته مون کي رڳو 10 سال ڏئي ڇڏ، جيئن مان پنهنجن ٻارن کي وڏو ٿيندي ڏسي سگهان.“
شام ڪوشل کي اها دعا اگهامي وئي ۽ ان واقعي کي اڄ 22 سال گذري چڪا آهن.
هو ٻڌائي ٿو ته ” ان دور منهنجي زندگي کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو، مون کي سٺا ماڻهو مليا، سٺو ڪم مليو، منهنجا ٻار ڪامياب ٿيا، ۽ مان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌيس.“
واضح رهي ته شام ڪوشل بالي ووڊ جي ڪامياب ايڪشن ڊائريڪٽرن منجهان هڪ آهي، جن جي ڪريڊٽ تي”ڪرش“، ”پدماوت“، ”گينگز آف واسيپور“، ” ڀاڳ ملکا ڀاگ “، ”پي ڪي“، ”سنجو“، ”ٽائيگر زندا هي “۽ ”سمبا“جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.