عماد وسيم سان رومانوي لاڳاپا؟ نائلا راجا خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر نائلا راجا جي مبينا رومانوي لاڳاپن بابت سوشل ميڊيا تي تي هلندڙ افواهن نائلا راجا خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته عماد وسيم ۽ سندس گهرواري ثانيا اشفاق جي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي، جنهن جو بنيادي ڪارڻ عماد وسيم جو نائلا راجا سان مبينا افيئر ڄاڻايو ويو.
ثانيه اشفاق، جنهن تازو ئي پنهنجي ٽئين بار کي جنم ڏنو آهي، انسٽاگرام تي هڪ جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ عماد جو ذڪر نه هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڳالهين وڌيڪ زور پڪڙيو.
واهپيدارن نشاندهي ڪئي ته ثانيا اشفاق پنهنجي انسٽاگرام بائيو ۾ پهريان ” عماد وسيم“ جي گهرواري“ لکيل هئي، پر هاڻي رڳو ”عنيا عماد ۽ ريان عماد جي ماءُ“ لکيل آهي۽ هن عماد سان گڏ تصويرون به ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عماد جي اڪائونٽ تي اڃان تائين گڏيل تصويرون موجود آهن.
افواهن کي وڌيڪ هٿي ان وقت ملي جڏهن سوشل ميڊيا تي عماد وسيم جي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ کيس هڪ عورت سان لنڊن ۾ گھمندي ڏٺو ويو، واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اها عورت نائلا راجا آهي.
نائلا راجا جو وضاحتي بيان
عماد وسيم جي طرفان اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو، پر نائلا راجا افواهن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته “ مان عام طور تي اهڙي قسم جي افواهن جو جواب ناهيان ڏيندي، پر هاڻي معاملو حد کان وڌي ويو آهي.“
هن چيو ته ” جيڪا اسٽوري شيئر ڪئي وئي، اها مون پنهنجي انسٽاگرام تي پاڻ پوسٽ ڪئي هئي، ڪا لڪل ڳالهه نه هئي، هڪ عام لمحو ڪيئن ڪنهن جي طلاق جو سبب بڻجي سگهي ٿو؟“
هن وضاحت ڏني ته وڊيو هڪ عينڪ جي دڪان ٻاهران رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ موجود ٻين ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. “
هن چيو ته ” مان به هڪ عورت آهيان، مهرباني ڪري بي بنياد الزام لڳائڻ بند ڪريو ۽ مون کي اهڙن معاملن ۾ نه گهليو، جن سان منهنجو ڪو واسطو ناهي.“
نائلا جو چوڻ هو ته ” سندس ڀاءُ کي به ڌمڪين ۽ ڀيڻ کي قابو ڪر جا پيغام موڪليا پيا وڃن، عزت کي سدائين عورت سان ڇو ڳنڍيو ويندو آهي ؟ اِهو ڇو سمجهيو ويندو آهي ته رڳو خاندان جي غيرت خطري ۾ آهي، عورت جي پنهنجي عزت ناهي؟ اهڙي سوچ ئي سماج ۾ غيرت جي نالي تي قتل ۽ تشدد جو بنياد بڻجي ٿي.“
سوشل ميڊيا تي ردعمل
افواهن ۽ ثانيا اشفاق جي پوسٽ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عماد وسيم کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪيترن ئي واهپيدارن کيس بيوفا قرار ڏيندي چيو ته ڳورهاري زال سان دوکيبازي ڪرڻ سڀ کان شرمناڪ عمل آهي.
ياد رهي ته عماد وسيم ان کان اڳ به هڪ افغان ڇوڪري سان مبينا لاڳپن بابت تڪرار ۾ رهيو هو ۽ ٻنهي جون گڏيل تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.