اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فوڊ پوائزن جو شڪار

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي فوڊ پوائزن ٿي وئي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 75 سالن جي نيتن ياهو جي گذريل رات طبعيت خراب ٿي وئي هئي.
ڊاڪٽرن جي طبي معائني دوران نيتن ياهو ۾ آنڊن جي سوڄ ۽ پاڻي جي کوٽ جون علامتون ظاهر ٿيون.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن جي هدايت تي نيتن ياهو ٽي ڏينهن آرام ڪندو ۽ ان دوران گهر مان سرڪاري معاملا هلائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.