رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جو شهزادو الوليد بن خالد بن طلال، جنهن کي ”سليپنگ پرنس“ چيو ويندو هو، 20 سالن تائين ڪوما ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.
سعودي ميڊيا موجب، شهزادي خالد بن طلال پنهنجي پٽ جي وفات جو اعلان ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، الوليد بن خالد بن طلال 2005ع ۾ لنڊن ۾ ڪار حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ ڪوما ۾ هليو ويو هو.
ڪوما دوران ڪڏهن ڪڏهن شهزادي الوليد جي جسم جي ڪجهه حصن ۾ معمولي حرڪت نوٽ ڪئي وئي، پر هو ڪڏهن به پوري ريت هوش ۾ نه اچي سگهيو.