ڪي پي ۾ مخصوص سيٽن تي ميمبر ڪڏهن حلف کڻندا؟ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان ڪي پي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کان حلف وٺڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو بيان سامهون اچي ويو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب، ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ لاءِ چيو ويو، اسپيڪر طرفان حلف نه وٺڻ تي اليڪشن ڪميشن وڏي وزير کان درخواست ڪئي ۽ گورنر خيبر پختونخوا کي به چيو ويو ته اجلاس سڏائي سينيٽ چونڊ ڪرائي وڃي.
خط ۾ چيو ويو ته وڏي وزير طرفان اجلاس طلب ڪرڻ ۽ ميمبرن جي حلف بابت درخواست کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، اڄ ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو پر ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي.
ترجمان موجب، اڄ ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي چونڊيل ميمبرن حلف نه کنيو، اليڪشن ڪميشن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو جنهن ۾ گذارش ڪئي وئي هئي ته ڪنهن مناسب شخص کي حلف برداري لاءِ نامزد ڪيو وڃي.
ترجمان اليڪشن ڪميشن چيو ته هاڻي خيبر پختونخوا جو گورنر مخصوص سيٽن جو حلف وٺندو ۽ حلف برداري جي وقت جو گورنر هائوس پاڻ اعلان ڪندو.
اليڪشن ڪميشن آءِ جي ڪي پي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ايف سي کي هدايت ڪئي آهي ته فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.