ملڪ ۾ نون صوبن جو پڙاڏو، ڇا پ پ نئين آئيني ترميم جي حمايت ڪندي؟

اسلام آباد(قربان بلوچ) ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت اقتداري راهدارين ۾ وڏي هلچل شروع ٿي چُڪي آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته اپوزيشن مان به مولانا فضل الرحمان کي آن بورڊ ڪيو ويو آهي،هاڻ سوال اُڀري ٿو ته ڇا نوان صوبا صدر آصف علي زرداري جي موجودگيءَ ۾ قائم ٿيندا؟ يا زرداري ان معاملي تي اڳڀرائي نه ڪندو ۽ ڪو ٻيو شخص اچي اهو ڪم مڪمل ڪندو؟اسلام آباد جي سياسي صورتحال تمام گرم ٿي وئي آهي، پر هن حوالي سان ڪو به خاص ميڊيا تي نه ڳالهائي رهيو آهي، پر اندروني ملاقاتن ۽ سرگرمين مان لڳي رهيو آهي ته معاملا نئين رُخ ڏانهن وڃي رهيا آهن، فاٽا کي صوبي جي حيثيت ڏيڻ لاءِ پڻ ڪم تيز ٿي ويو آهي.مولانا فضل الرحمان ماضيءَ ۾ انضمام جي سخت مخالفت ڪئي هئي، پر هاڻ کي به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي،سينٽ چونڊن کان پوءِ، فاٽا وارو مامرو به حل ڪرڻ جي رٿابندي آهي.ايس آءِ ايف سي (SFIC) طرفان ملڪ جي معدني وسيلن کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪيترين ئي ڪمپنين سان رابطي ۾ اچي اڳواٽ ئي ڪم شروع ڪيو ويو آهي،فاٽا ۾ وسيع معدني وسيلا آهن،صوبائي اسيمبلين ۾ قانون سازي ڪئي وئي آهي پر ڪي پي ڪي جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اُتي قانوني حيثيت هيڻِي آهي.ان ڪري مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد، فاٽا جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪري، پوءِ ان کي گلگت بلتستان وانگر وفاقي ڪنٽرول هيٺ هڪ صوبي جي حيثيت ڏني پئي وڃي،ان حوالي سان وڏي خبر اها آهي ته مولانا فضل الرحمان واضح طور تي چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي ضرورت آهي، فاٽا کي صوبي جي حيثيت ڏني وڃي،جڏهن ته نون صوبن لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي، جيڪا ٻه ڀاڱي اڪثريت سان ٿيندي،ان لاءِ حڪومتي اتحادين مسلم ليگ نون پاڪستان پيپلزپارٽي ،ايم ڪيو ايم، باپ پارٽي، مسلم ليگ ضياءَ۽ ٻين پارٽين کي ووٽ ڏيڻو پوندو،.ايم ڪيو ايم اڳ ئي نون صوبن جي حمايت ڪري رهي آهي. سرائڪي بيلٽ وارا اڳواڻ به نئين صوبي جو مطالبو ڪري سگهن ٿا، هاڻ سڀ کان اهم سوال هي آهي ته :ڇا صدر پاڪستان آصف علي زرداري، جيڪو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، نون صوبن جي قيام واري بل تي صحيح ڪندو؟جيڪڏهن27 هين آئيني ترميم واري پئڪيج ۾ نون صوبن جو قيام به شامل هو ته ڇا پ پ حمايت ڪندي؟  ذريعن موجب جيڪڏهن زرداري رُڪاوٽ بڻجندو ته پوءِ مختلف طرز جو نئون سيٽ اپ سامهون اچي سگهي ٿو،ڇاڪاڻ ته موجوده سيٽ اپ ۾ ڪيترائي قدم کڻڻ باوجود عوام،اقتداري حلقا ۽ گهڻا ئي اسٽيڪ هولڊر ان مان مطمئن ناهن،ايندڙ 6 مهينا انتهائي اهم هوندا،ان عرصي ۾ موجوده کان به نئون سيٽ اپ سامهون اچي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، آچر 20 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.