اسلام آباد(م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش خلاف ملازمن 21 جولاءِ کان ڌرڻو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ملازمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته اسٽورن جي بندش ۽ ملازمن جي جبري برطرفين خلاف 21 جولاءِ کان اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو. ايڪشن ڪميٽي جي اعلان موجب، ڌرڻي جي شروعات اسلام آباد جي بليو ايريا ۾ موجود يوٽيلٽي اسٽورز جي هيڊ آفيس آڏو ٿيندي. ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ هو ته هزارين خاندانن جو روزگار ختم ڪرڻ ليبر قانونن جي کلي ڀڃڪڙي آهي.