حيدرآباد ۾ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن خلاف ڪارروائي شروع،رهواسين جي مزاحمت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حيدرآباد واري دوري دوران هدايتون ملڻ بعد جاڳي پئي، ضلعي انتظاميا شهر ۾ خطرناڪ قرار ڏنل زبون حال عمارتن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه 2 ماڙ ٻن زبون حال عمارتن ۾ رهندڙن کان عمارتون خالي ڪرائي ڊاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو، ھيرآباد ۾ عمارت خالي ڪرائڻ تان رهواسين عورتن سميت مزاحمت ڪئي، جنهن  دوران پوليس ۽ عملي سان رهواسين جون چڪريون پڻ ٿيون، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. حيدرآباد جي انتظاميا پاران سٽي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ موجود 75 خطرناڪ عمارتن کي ڊاهڻ جو شيڊول جاري ڪيو آهي، جنهن تحت سٽي تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر بابر صالح راهپوٽو جي اڳواڻي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاڳاپيل شعبي جي عملي ۽ مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او منير عباسي جي نگراني پوليس وڏن اٽالن سان گڏ پهرين ھيرآباد واري علائقي ۾ تقريبن 400 گزن تي ڪارنر 2 ماڙ عمارت کي ڊاهڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي، ڪارروائي ۾ ليڊي پوليس اهلڪار پڻ موجود هيون، سڀ کان اڳ زبون عمارت جي بجلي ۽ گئس جا لڳل سمورا ڪنيڪشن ڪٽرايا ويا. انتظاميا جي ڪارروائي دوران رھواسي عورتون ۽ مرد گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جن عمارت خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پوليس ۽ رهواسين وچ ۾ چڪريون ۽ منهن ماري ٿي. ان دوران پوليس هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جنھن کي بعد ۾ پوليس بنا ڪارروائي جي آزاد ڪري ڇڏيو. مزاحمت ڪندڙ رھواسي عورتن ۽ مردن جو چوڻ هو ته ابن ڏاڏن کان هتي رهيو ٿا، پوڙها، بيمار ماڻهو ۽ ٻار ٻچا وٺي ڪيڏانهن وڃون، اسان کي مهلت ڏني وڃي، رهواسين جي مزاحمت توڙي دانهن باوجود انتظاميا کين مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن رهواسين پاڻمرادو عمارت خالي نه ڪئي ته طاقت جو استعمال ڪيو ويندو، اهڙي صورتحال کانپوءِ رھواسي پاڻمرادو گهر خالي ڪري هليا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ان عمارت اندر مختلف حصن ۾ 30 کان 40 ماڻهو رهندا هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا، جڏهن ته رهواسين جي نڪرڻ کانپوءِ بلدنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي هٿورن سان عمارت کي ڊاهڻ شروع ڪيو، ٻئي طرف ڪارروائي کانپوءِ ساڳئي ٽيم شام ڌاري سول اسپتال لڳ ڀرڳڙي روڊ تي 300 گزن تي مشتمل هڪ ٻي زبون عمارت کي ڳري مشنري جي مدد سان ڊاهڻ شروع ڪيو. ڄاڻايل 2 ماڙ عمارت ۾ 5 گهرڀاتين تي مشتمل هڪ خاندان رهندو هو، جيڪي بنا مداخلت ڪرڻ جي عمارت خالي ڪري ويا،

لياري سانحو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ بغدادي بلڊنگ جي ڪرڻ واري ڪيس ۾ 5جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل چيو 16 ماڻهو فوت ٿيا آهن، وڪيل صفائي چيو ته هو ماڻهن کي دفن ڪري اڄ ڳوٺ مان واپس آهيان آهن، اسان کي  تياري ڪرڻ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت چيو اوهان آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون اوهان تياري ڪري اچو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

گلستان جوهر ڪراچي ۾ 43 رهاشي عمارتون خطرناڪ قرار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ 43 رهاشي عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. اهي عمارتون گلستانِ  جوهر جي مختلف بلاڪن ۾ واقع آهن، جن ۾ سوين فليٽس ۽ هزارين ماڻهو پنهنجن خاندانن سميت آباد آهن.آباد (ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز) جي چيئرمين حسن بخشي جو چوڻ آهي ته انهن عمارتن جي ٽيڪنيڪل سروي رپورٽ آباد کي فراهم ڪئي وڃي، ڇو ته اها رپورٽ ٽيڪنيڪل ٽولز جي مدد سان تيار ڪئي ويندي آهي ۽ رڳو اندازي جي بنياد تي نتيجا درست ناهن.هن چيو ته جيڪڏهن عمارتون واقعي خطرناڪ آهن ته ان جي تصديق لاءِ سائنسي بنيادن تي جاچ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.