” مودي جي…! اِهي پنج جهاز ڪيئن ڪِريا؟ قوم کي سچ ٻڌايو“، ٽرمپ جي بيان تي راهول جو ردعمل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي پاڪ-ڀارت جنگ دوران پنج جهاز ڪِيرائڻ بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان وضاحت جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبرن کي خطاب ڪندي اِهو نه چيو ته پاڪستان ڀارت جا پنج جهاز تباهه ڪيا پر اِهو ضرور چيو ته حقيقت ۾ 5 جهاز تباهه ٿيا هئا، صورتحال خراب ٿي رهي هئي پر هن جنگ روڪرائي.
هاڻ ٽرمپ جي بيان کانپوءِ راهول گانڌي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” مودي جي..! پنج جهازن وارو سچ ڇا آهي؟ قوم کي ڄاڻڻ جو حق آهي.“
راهول گانڌي ٽرمپ جي ان بيان جي وڊيو پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پنج جهاز تباهه ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
هوڏانهن ڪانگريس جي ترجمان، پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارتي آفيسرن جا پراڻا بيان به شيئر ڪيا آهن، جن ۾ جهازن جي تباهي جو اعتراف ڪيو ويو هو.
ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف انيل چوهاڻ هڪ انٽرويو دوران چيو هو”اهو ضروري ناهي ته جهاز تباهه ٿيا آهن، پر اِهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته جهاز ڪيئن تباهه ٿيا.
ڪانگريس ترجمان جو چوڻ آهي ته انهن سڀني بيانن باوجود وزيراعظم مودي اڃا تائين چُپ آهي.
هلندڙ سال اپريل ۾ والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام ڀارت بنا ثبوت پاڪستان مٿان مڙهيو، پر پاڪستان الزام رد ڪندي اڻ ڌري جاچ ۾ سهڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي.
آمريڪا پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي هئي پر ڀارت جي پاڪستان خلاف بي بنياد الزامن جي حمايت نه ڪئي هئي.
طاقت جي نشي ۾ ٻڏل ڀارت 7 مئي تي پاڪستان مٿان جنگ مڙهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ۽ رافيل سميت ڀارت جا 5 جهاز ڪِيرايا هئا، جڏهن ته ڀارت اڄ تائين جهازن جي تباهي جي تصديق کان لنوائي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.