ڀارت طرفان ايشيا ڪپ جي مڪمل بائيڪاٽ جي ڌمڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اَي سي سي ) جي صدر محسن نقوي جي انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ايشيا ڪپ جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو.
ذريعن موجب، محسن نقوي سنگاپور ۾ رٿيل آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ ذاتي طور شريڪ نه ٿيندو پر آن لائين شرڪت ڪندو،
هي آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه جي سربراهي ۾ پهريون ساليانو اجلاس آهي.
محسن نقوي ايشيا ڪپ بابت هڪ اهم اجلاس ڍاڪا ۾ طلب ڪري ورتو آهي، پر ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ ڪئي ته ڀارت، عمان، سريلنڪا ۽ افغانستان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندا.
اهم ميمبر ملڪن جي غير موجودگي ۾ اجلاس دوران ٿيل ڪنهن به فيصلي جي ڪائي اهميت نه هوندي
ڀارت طرفان چيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اجلاس جو هنڌ بدلايو ويندو.
ذريعن موجب، اَي سي سي صدر محسن نقوي اجلاس جو وينيو تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پنهنجي فيصلي تي قائم آهن.
اي سي سي جي طرفان هڙني ميمبر ملڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڌي ريت شرڪت نه ڪرڻ جي صورت ۾ آن لائين شرڪت جو آپشن پڻ موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.