ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ هٿيارن جي غيرقانوني لائسنس خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي شروع.
حساس ادارن جي رپورٽن جي بنياد تي سنڌ حڪومت طرفان وڏي پئماني تي هنگامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت شهر ۾ 200 کان وڌيڪ هٿيارن جي ڊيلرن جا لائسنس رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي گهرو وزارت ۽ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ڪيئي آفيسرن کي به جاچ جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
حساس ادارن جي رپورٽ جي بنياد تي ڪراچيءَ ۾ هٿيارن جي غيرقانوني لائسنس خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like