گجرات (ويب ڊيسڪ) جتيش پٽيل جو تعلق ڀارت جي رياست گجرات جي هاري گهراڻي سان آهي، سندس ڪٽنب روايتي طور تي ڪپهه پوکيندو هو، پر انهي فصل مان ٿيندڙ آمدني تمام گهٽ هئي.
2001ع ۽ 2002ع ۾ گجرات ۾ آيل ڏڪار صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ گهر وارن کي احساس ٿيو ته انهن کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو.
جتيش پٽيل جو چڻ آهي ته ” اسان کي احساس ٿيو ته اهڙا فصل پوکڻا پوندا، جن لاءِ گهڻو پاڻي نه کپي.“
ان ڪري هن پٽاٽا پوکڻ شروع ڪيا،شروع ۾ آمدني ايتري نه هئي، پر 2007ع ۾ فرنچ فرائز ٺاهيندڙ ڪمپنين جي اچڻ بعد صورتحال بدلجي وئي، جتيش کاڌ خوراڪ جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ پٽاٽن جي مختلف قسمن جي پوک ڪري ٿو، جيڪا سندس لاءِ هڪ ڪامياب حڪمت عملي ثابت ٿي آهي.
هاڻي ڀارت پٽاٽن جي پيدوار ۾دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، ڀارت ۾ پٽاٽن جي پيداوار تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، خاص طور تي فرنچ فرائز جي ميدان ۾. گجرات ڀارت ۾ فرنچ فرائز پيدا ڪرڻ جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي وڏا وڏا ڪارخانا چپس ٺاهين ٿا. جن ۾ ڪينيڊين ڪمپني ”ميڪ ڪين فوڊز“ ۽ ڀارت جي سڀ کان وڏي فرنچ فرائز ٺاهيندڙ ڪمپني ”هائفن فوڊز“ شامل آهن، گجراتي فرائز پوري دنيا ۾ برآمد ڪيا پيا وڃن.
سالن کان پٽاٽن جي مارڪيٽ تي نظر رکندڙ ديويندر جو چوڻ آهي ”پٽاٽا جي سڀ کان اهم مارڪيٽ ايشيا ۾ آهي، جنهن ۾ فلپائن، ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا شامل آهن.“
هڪ رپورٽ موجب، هائفن فوڊز جا سي اي او هريش ڪرمن چنداڻي ٻڌايو ته ڀارت زرعي پيداوار، گهٽ لاڳت ۽ معيار جي ڪري هڪ اهم برآمد ڪندڙ طور اُڀريو آهي، هائفن جا گجرات ۾ پٽاٽن جي پروسيسنگ جا ست پلانٽ آهن ۽ ڪمپني 2026ع تائين ٻه وڌيڪ شروع ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
جيتش پٽيل جنهن زرعي سائنس پڙهي آهي، پنهنجي زمين تي جديد تجربا ڪري رهيو آهي، جيئن ڊرپ ايريگيشن ۽ ٻَج جي نون قسمن تي ڪم وغيره.
ان ڏس ۾ سندس هو ته ” اسان تعليم يافته هاري آهيون، تنهنڪري نوان طريقا آزمائيندا رهون ٿا.“
ماهرن موجب، ڀارتي فرائز عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ قيمت سبب مقبول آهن ۽ 2025ع ۾ فيبروري تائين ڀارت جون فرائز برآمدات 181773 ٽن تائين پهچي ويون هيون، اِهو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
سال 2003ع ۾ جتيش پٽيل پنهنجي زمينن جي آبپاشي لاءِ ڊرپ سسٽم اختيار ڪيو، اونهاري ۾ زمين کي زرخيز رکڻ لاءِ هو ڪجهه به ناهي پوکيندو ۽ ڀاڻ طور ڳئن جا ڇِيڻا استعمال ڪري ٿو، هاڻي سندس ڌيان اهڙن پٽاٽن جي ٻوٽن کي ڳولڻ تي آهي، جيڪي سندس مٽي ۽ موسم سان ٺهڪندڙ هجن.
ڀارت جي وڏي زرعي ٽيڪنالاجي ڪمپني ”جين آبپاشي نظام“ نه رڳو آبپاشي جا اوزار وڪرو ڪري ٿي پر ٽشو ڪلچر ذريعي پٽاٽن جا ٻج به تيار ڪري ٿي.
ٽشو ڪلچر اهڙي ٽيڪنڪ آهي، جنهن ۾ ليبارٽري جي ڪنٽرول ٿيل ماحول ۾ ٻوٽن جي ٽشوز مان وائرس کان پاڪ ٻوٽا پيدا ڪيا ويندا آهن، پوءِ اِهي ٻج پٽاٽن ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
ڪمپني جي مارڪيٽنگ نائب صدر وجي سنگهه جو چوڻ آهي ته ” ماهر پٽاٽن جا ٻج وڏي احتياط سان تيار ڪن ٿا.“ هو هن وقت اهڙن پٽاٽن جي قسمن سان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي چپس ٺاهڻ ۾ استعمال ٿين ٿا.
بهرحال ان صنعت کي وڏا چئلينج درپيش آهن، خاص طور تي جديد ڪولڊ اسٽوريج، ريفريجريٽيڊ ٽرڪ ۽ مستحڪم بجليءَ جي کوٽ سبب سپلائي چين متاثر ٿئي ٿي.
جيتش پٽيل خوش آهي ته چپس ٺاهيندڙ ڪمپنيون علائقي ۾ اچي ويون آهن.
هن چيو ته ” اڄ گجرات فوڊ پروسيسنگ جو مرڪز بڻجي ويو آهي، ۽ اڪثر هارين ڪانٽريڪٽ فارمنگ ڪن ٿا، جنهن سان اسان کي تحفظ ۽ سٺي آمدني ملي ٿي.“