پوني (ويب ڊيسڪ) چور بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره سنگيتا بجلاڻي جي فارم هائوس مان الهه تلهه ٻُهاري ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارتي شهر پوني جي علائقي ماوَل ۾ قائم سنگيتا بجلاڻي جي فارم هائوس ۾ چوري جي واردات ٿي، جنهن بابت اڳوڻي اداڪارا اڻڄاڻ هئي.
پوليس ٻڌايو ته چوري جو پتو تڏهن پيو جڏهن سنگيتا بجلاڻي 4 مهينن کانپوءِ پنهنجي فارم هائوس جو دورو ڪيو.
پوليس وٽ داخل ڪرايل شڪايت ۾ سنگيتا بجلاڻي چيو ته فارم هائوس جو مکيه دروازو ۽ دريون ٽٽل هيون، ٽي وي، فريج ۽ بستري سميت ٻيون شيون غائب هيون ۽ فارم هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب، جاچ لاءِ ٽيم کي واقعي واري هنڌ تي موڪليو ويو آهي، جيڪا نقصان ۽ چوري ٿيل سامان جو ڪاٿو لڳائي رهي آهي.
You might also like