شاهه رخ خان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي، علاج لاءِ آمريڪا منتقل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه اداڪار شاهه رخ خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ڪنگ“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب،شاهه رخ خان ممبئي ۾ فلم ”ڪنگ“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ کيس علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، شاهه رخ خان جي چيلهه جي انجري سنجيده نوعيت جي نه آهي، پر ڊاڪٽرن کيس هڪ مهينو آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.
ياد رهي ته شاهه رخ خان جي فلم ”ڪنگ“ شروع ليکڪ سوجوئي گوش جي هدايتڪاري ۾ ٺاهڻي هئي، پر گذريل سال اعلان ڪيو ويو ته هاڻي ”پٺاڻ“جو هدايتڪار سڌارٿ آنند اِها فلم مڪمل ڪندو.
رپورٽن موجب، شاهه رخ خان جي فلم ”ڪنگ“ جي شوٽنگ گذريل سال کان جاري آهي، جيڪا ايندڙ سال سموري دنيا جي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي، فلم جي ڪاسٽ ۾ شاهه رخ خان جي ڌيءَ سُهانا خان ۽ اڀيشيڪ بچن ٻيا ڪيئي ناليوارا فنڪار شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.