واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران 5 جهاز ڪِيرايا ويا هئا.
هلندڙ سال اپريل ۾ والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام ڀارت بنا ثبوت پاڪستان مٿان مڙهيو، پر پاڪستان الزام رد ڪندي اڻ ڌري جاچ ۾ سهڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي.
آمريڪا پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي هئي پر ڀارت جي پاڪستان خلاف بي بنياد الزامن جي حمايت نه ڪئي هئي.
طاقت جي نشي ۾ ٻڏل ڀارت 7 مئي تي پاڪستان مٿان جنگ مڙهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ۽ رافيل سميت ڀارت جا 5 جهاز ڪِيرايا هئا، جڏهن ته ڀارت اڄ تائين جهازن جي تباهي جي تصديق کان لنوائي رهيو آهي.
هاڻي آمريڪي صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته هن اِهو ته نه چيو ته پاڪستان ڀارت جا پنج جهاز تباهه ڪيا پر اِهو ضرور چيو ته حقيقت ۾ 5 جهاز ڪِيرايا ويا هئا، صورتحال خراب ٿي رهي هئي پر هن جنگ روڪرائي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت جي به دعويٰ ڪئي هئي ته ان پاڪستان جا جهاز تباهه ڪيا، پر پاڪستان واضح ڪيو ته ڀارت ڪو به پاڪستاني جهاز ناهي ڪِيرايو ۽ ڀارت ان جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
ياد رهي ته7 مئي واري جنگ دوران ٻنهي طرفن کان جنگي جهاز، ڊرون ۽ آرٽيلري جو استمال ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڀارت کي سخت نقصان رسيو.نيٺ ڀارت آمريڪا کان مدد طلبي جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪيو هو.
ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت جنگ دوران 5 جهاز تباهه ٿيڻ جي ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪري ڇڏي
You might also like