ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽاف ٽائون ۾ ڪچرو ساڙڻ کان روڪڻ تي پروفيسر تي تشدد ڪندڙ رينجرز اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان رينجرز سنڌ جي هڪ سينيئر آفيسر، پروفيسر آفاق احمد صديقي تي تشدد ۾ ملوث رينجرز اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو آهي،ڪٽس جي وفد، پروفيسر آفاق صديقي سان گڏ، رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ لاڳاپيل رينجرز گارڊ کي معطل ڪيو ويو ۽ سندس خلاف محڪمانه ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا، 15 جولاءِ تي پروفيسر آفاق صديقي جو ڪچرو ساڙڻ واري معاملي تي پنهنجي پاڙيسري سينيئر رينجرز آفيسر جي گارڊ سان جهيڙو ٿيو هو،پروفيسر موجب، گارڊ هن سان بي ادبي ڪئي ۽ منهن تي چُماٽ هنيو. ڊان هن معاملي تي رينجرز جي ترجمان کان تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خبر فائل ٿيڻ تائين ڪو جواب نه مليو،استادن جي تنظيم ذميوار ماڻهن خلاف مناسب ڪارروائي جو مطالبو ڪندي رينجرز جي اعليٰ قيادت کي اپيل ڪئي ته هو هن واقعي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ۽ ڪيمپس ۾ پرامن ۽ باوقار ماحول قائم رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.