ڪراچي(رپورٽر) ايران، عراق ۽ شام ويندڙ 40 هزار پاڪستاني زائرين جي باري ۾ ڪنهن به اداري وٽ پڪي معلومات موجود ناهي ته اهي هن وقت ڪٿي آهن،اميگريشن ذريعن موجب، انهن مان گهڻا زائرين عراق ۾ وڃي پينو بڻجي ويا آهن، ڪجهه غيرقانوني طور تي اتي رهي روزگار ڪن ٿا، جڏهنته ڪجهه ترڪي جي رستي يورپ نڪري ويا آهن، جولاءِ 2024 ۾ ايفآءِاي اميگريشن ڪوئيٽا جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر طرفان تافتان بارڊر تي مقرر ايفآءِاي آفيسر انچارج کي هڪ خط لکي ٻڌايو ويو هو ته ڊائريڪٽر اميگريشن اسلام آباد طرفان موڪليل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 66 عورتون ۽ انهن جا ٻار بغداد ۾ پنندي پڪڙيا ويا آهن، اهي سڀئي عورتون ۽ ٻار شڪارپور، راجنپور، رحيم يار خان، صادق آباد، ڊيرا غازي خان ۽ ڪشمور جا رهواسي هئا، خط ۾ چيو ويو ته انهن خاندانن جا مرد، عورتن ۽ ٻارن کي اتي ڇڏي واپس اچي وڃن ٿا ۽ اهي عورتون ۽ ٻار پينو بڻجن ٿا، ساڳئي خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته منڊي بهاوالدين، گجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، وزيرآباد، شيخوپوره ۽ پاراچنار جا سوين ماڻهو ايجنٽن کي وڏيون رقمون ڏين ٿا.