پيٽرول اگهه وڌائڻ سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، مافيا اڳيان رياستي عملداري بيوس بڻيل

ڪراچي/اسلام آباد/ لاهور (نيوز ڊيسڪ): پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، نئين مالي سال جي ٽئين هفتي ۾ به مهانگائي وڌي وئي، هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي شرح 0.38 سيڪڙو واڌ کانپوءِ سالياني مجموعي شرح ڪاٽو 1.61 سيڪڙو تي اچي وئي. ادارو شماريات مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب هڪ هفتيدوران 22 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، 9 شيون سستي ٿيون ۽ 20 شين جي قيمتن ۾ ڪو به تبديلي نه آئي. اداري جي مطابق، هاڻوڪي هفتي ۾ ڊيزل 4.15 سيڪڙو ۽ پيٽرول 2 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ 8.31 سيڪڙو ۽ آنا 5.87 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته بصر 1.76 سيڪڙو ۽ پٽاٽو 1.46 سيڪڙو وڌيا. رپورٽ موجب، هڪ هفتي ۾ ٿوم جي قيمت ۾ 1.70 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ٽماٽن،، اٽي، ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. حڪومتي دعوائن، در آمد جي جي اجازت ۽ قيمتن جي تعين باوجود، کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين برقرار آهي، ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن. وفاقي اداري شماريات جي طرفان جاري ڪيل تازي انگن اکرن موجب، سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 188 رپيا 4 پئسا في ڪلو تائين اچي وئي آهي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 40 پيسا في ڪلو جي معمولي گهٽتائي ڏيکاري ٿي. رپورٽ موجب، ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ جي قيمت سڀ کان وڌيڪ، 200 رپيا في ڪلو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڳڻپ کاتي چوي ٿو ته هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 147 رپيا 18 پئسا في ڪلو هئي، جنهن جي مقابلي ۾ هاڻوڪي سراسري قيمت ۾ لڳ ڀڳ 41 رپيا في ڪلو جو واڌارو ٿيو آهي۔ ياد رهي ته حڪومت ۽ پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو هو، جنهن تحت کنڊ جي ايڪس مل قيمت ايندڙ ٽن مهينن لاءِ هر مهيني 2 رپيا في ڪلو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو۔ معاهدي تحت، 15 جولاءِ 2025 کان کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته 15 آگسٽ 2025 کان اها قيمت 167 رپيا ۽ 15 سيپٽمبر 2025 کان 169 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي۔ ساڳئي ريت، 15 آڪٽوبر 2025 کان ايڪس مل قيمت 171 رپيا في ڪلو تي آڻڻ تي اتفاق ٿيو هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.