سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رھيو آھي: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي جي قيادت ۾ ٽي رڪني وفد ڪالھھ شھباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سنڌ منير احمد جماڻي سان سندس آفيس ۾ آبادگارن جي مسئلن تي اھم ملاقات ڪئي، وفد ۾ ايوان زراعت سنڌ جو سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو ۽ انفارميشن سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر شامل ھئا، ملاقات دوران زاھد حسين ڀرڳڙي چيو ته حڪومت آءِ ايم ايفجي چوڻ تي ھارين مٿان 45 سيڪڙو زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪري رھي آھي، جيڪو قدم قابل مذمت ۽ مزاحمت جوڳو آھي، موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي آبادگارن جو ھر طرح سان معاشي قتل عام ٿي رھيو آھي، زرعي جنسن جا مناسب اگھه نه ملڻ کان ويندي پيداواري لاڳت آبادگارن کي اجاڙي ڇڏيو آھي، اھڙي صورتحال ۾ زرعي انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو مقصد زراعت جي شعبي کي مڪمل طور تي تباھ و برباد ڪرڻ برابر آھي، ان ڪري ايوان زراعت سنڌ اھو مطالبو ڪري ٿي ته زرعي انڪم ٽيڪس لڳائڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري، ھارين ۽ زراعت جي شعبي کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي، ان موقعي تي زراعت کاتي طرفان وفد کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال ڪپھه جي پوکي 15 سيڪڙو گھٽ ٿي آھي، جنھن تي وفد ٻڌايو ويو ته پاڻي جي اڻاٺ، پوچڙين ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ۽ زرعي جنسن جا مناسب اگھه نه ملڻ جي ڪري آبادگارن جي ڪپھه جي فصل جي پوک ڪرڻ مان دلچسپي گھٽجي وئي آهي، وفد مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ جو اگھه فوري طور تي 4 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آڪٽوبر نومبر ۾ ڪڻڪ جي پوک ٿي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.