ماهه رنگ سميت ڇهن ڄڻن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن واڌ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميات ڇهن اڳواڻن جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
جمعي ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، بي واءِ سي جي اڳواڻ صبغت الله شاهه جي، بيبرگ بلوچ، بيبو بلوچ ۽ گلزادي بلوچ،۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ غفار بلوچ کي سخت سيڪيورٽي هيٺ ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي مبين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
غفار بلوچ، بيبو بلوچ جو پيءُ آهي، مٿس ٻن ٿاڻن ۾ ٽي ايف آءِ آرز داخل آهن، جن مان هڪ ايف آءِ آر سول لائينز ٿاڻي ۾ ۽ ٻه بروري روڊ ٿاڻي ۾ داخل آهن.
پوليس عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گرفتار ٿيل ماڻهن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، تنهنڪري سندن رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.
پوليس جي درخواست تي عدالت جج انهن ٻن ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ سميت سڀني جي رمانڊ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن ڪري ڇڏي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ماهه رنگ جي وڪيل اسرار جتڪ 15 ڏينهن جي رمانڊ کي غير جواز قرار ڏيندي سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ 14 ڏينهن کان وڌيڪ رمانڊ جي گنجائش آهي پر ان لاءِ پوليس کي سبب ۽ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪرڻو پوندو.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته جڏهن گذريل ڏهن ڏينهن دوران پوليس ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي ته وڌيڪ 15 ڏينهن ۾ ڇا ڪري سگهندي؟
ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر ماهه رنگ سميت ٻين کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين ٿري ايم پي او هيٺ حراست ۾ رکيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.