اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ 5 سالن تائين اترين علائقن ۾ موجود دلڪش ڍنڍن جي ڀرپاسي نون هوٽلن جي تعمير تي پابندي هوندي.
فرانسيسي خابرو اداري موجب، اِهو فيصلو غير منظم اڏاوتي سرگرمين سبب ماحول کي پهچندڙ نقصانن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي.
گلگت بلتستان ماحولياتي تحفظ اٿارٽي جي سينيئر آفيسر خادم حسين اي ايف پي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن موجوده رفتار سان هوٽلن جي تعمير جاري رهي ته هتي ڪنڪريٽ جو جهنگل ٺهي ويندو، ماڻهو هتي ڪنڪريٽ نه پر فطري خوبصورتي ڏسڻ ايندا آهن.
رپورٽ موجب، گلگت بلتستان ۾ 13 هزار کان وڌيڪ دلڪش گليشيئر موجود آهن ۽ علائقو چيري جي باغن ۽ ڍنڍن سبب ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن جو مرڪز بڻيل آهي، پر ويجهڙائي وارن سالن دوران وڏي پيماني تي هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسن جي اڏاوت سبب پاڻي، بجلي ۽ فضلي جي نظام تي شديد دٻاءُ پيو آهي.
گذريل مهيني هڪ پرڏيهي سياحن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن انهن هو هنزه جي عطا آباد ڍنڍ ۾ هڪ هوٽل طرفان گندو پاڻي ڇڏڻ جو الزام لڳايو هو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل هوٽل تي 5 هزار ڊالر (15 لک رپيا) ڏنڊ ويو.
مقامي هوٽل انتظاميا نون هوٽلن جي اڏاوت تي پابندي واري فيصلي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ماحول ۽ فطري خوبصورتي جو تحفظ سڀني جي ذميواري آهي.
You might also like