مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نيلم وادي جي جاگران علائقي ۾ هڪ جيپ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، هڪ خاندان جا ماڻهو ڪنڊل شاهي کان جاگران سيري وڃي رهيا هئا، حادثو بٽگران ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو.
پوليس موجب، مقامي ماڻهن لاش ٻاهر ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ ايم ڊي ايس اسپتال چمبر منتقل ڪيو ويوآهي.