لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئنز آف ليجنڊز ليگ جو ٻيون سيزن اڄ کان برطانيا ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ميزبان انگلينڊ، دفاعي چيمپيئن ڀارت،پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.
پاڪستاني ليجنڊز تي ٻڌل ٽيم اڄ انگلينڊ خلاف پنهنجو پهريون ميچ کيڏندي.
محمد حفيظ کي پاڪستان ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي، اسڪواڊ ۾ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، فواد عالم، ڪامران اڪمل ۽ عماد وسيم شامل آهن.
ان کانسواءِ اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ، سهيل تنوير، وهاب رياض ۽ آصف علي به اسڪواڊ جو حصو آهن، جڏهن ته عامر يامين، عمر امين، رومان رئيس، شرجيل خان ۽ سهيل خان پڻ قومي ٽيم ۾ شامل آهن.
ٽورنامنيٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ٽاڪرو 20 جولاءِ تي ايجبيسٽن جي ميدان تي ٿيندو. 25 جولاءِ تي گرين شرٽس جو مقابلو ڏکڻ آفريڪا سان ٿيندو.
پاڪستاني ٽيم 26 جولاءِ تي ويسٽ انڊيز مهاڏو اٽڪائيندي ۽ 29 جولاءِ تي آسٽريليا خلاف آخري گروپ ميچ ۾ ميدان تي لهندي.