” هتي ڏوهارين لاءِ جاءِ ناهي“ جرمني 81 افغان شهرين مُلڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي

برلن ( ويب ڊيسڪ) جرمني مختلف ڏوهن ۾ ملوث 81 افغان شهري ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي.
جرمن گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ڊي پورٽ ڪيل سڀئي افغان شهري قانون تحت سزايافته هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حڪومت ليپزگ ايئرپورٽ تان 81 افغان شهرين کي هڪ خاص اُڏام ذريعي افغانستان واپس موڪلي ڇڏيو.
ڊي پورٽ ڪيل انهن ڏوهارين ۾ اُهي افغان شهري به شامل هئا، جن جي پناهه جون درخواستون رد ٿي چڪيون هيون.
جرمن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ بدر ڪيل افغان شهرين کي سيڪيورٽي لاءِ خطرو سمجهيو پئي ويو.
جرمن گهرو وزير اليگزينڊر ڊوبرنڊ موجب، ملڪ سخت پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي ۽ مستقبل ۾ به اهڙا قدم جاري رهندا.
هن واضح ڪيو ته ڏوهارين لاءِ جرمني ۾ ڪائي جاءِ نه آهي ۽ اسان پنهنجي شهرين جي سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيون ٿا.
جرمن ميڊيا جي رپورٽ موجب، عدالت جي هڪ فيصلي تحت ڊي پورٽ ڪيل هر شخص کي هڪ هزار يورو رقم به ڏني وئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.