سون اگهه ۾ وري واڌ، سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 57 هزار 600 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 2143 رپيا اضافي سان 3 لک 6 هزار 584 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون 25 ڊالر واڌ سان 3351 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.