اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب بحريا ٽائون جون قيمتي ڪمرشل ملڪيتون عوامي نيلامي لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيلامي ۾ شامل ملڪيتن ۾ بحريا ٽائون جون ڪيترائي ڪمرشل آفيسون، مارڪيٽون، لان، ايرينا سينيما، بحريا ٽائون انٽرنيشنل اڪيڊمي ۽ سفاري ڪلب شامل آهن.
نيب موجب، سڀ کان وڏي ملڪيت سفاري ڪلب آهي، جنهن جي ريزرو قيمت هڪ ارب 24 ڪروڙ 20 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.