ڀارتي فوج جي ڪرنل جو پنهنجي اعليٰ آفيسرن تي زال سان زيادتي جو الزام

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي ڪرنل امت ڪمار پنهنجي ئي فوج ۾ لڪل درندن کي وائکو ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس زال کي آفيسرن جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.
گذريل مهيني سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي ڀارتي ڪرنل امت ڪمار جي اڪائونٽ تان مختلف وڊيوز شيئر ڪندي زال سان زيادتي جو دعوٰي ڪئي وئي، جڏهن ته سندس زال فوجي آفيسرن تي زيادتي جو الزام لڳايو هو.
امت ڪمار جي زال ٻڌايو ته ” مان اسپتال جي ڪمري ۾ ويٺي هيس، تڏهن بريگيڊيئر، وِنگ ڪمانڊر ۽ ڪرنل سميت ڪيترائي آفيسر منهنجي ڪمري ۾ آيا، انهن ڪمري کي لاڪ ڪري منهنجو موبائل کسي ورتي.“
وڊيو ۾ ڪرنل امت جي پٽ کي به پنهنجي ماءُ سان ٿيل واقعي تي روئيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته وڊيو ۾ ڀارتي فوج جو هڪ آفيسر امت ڪمار تي حملي جو الزام لڳائي رهيو آهي.
ٽوئيٽ ۾ ڪرنل امت ڪمار الزام هنيو ته سندس زال سان فيملي وارڊ ۾ جرنيلن ۽ بريگيڊيئرن زيادتي ڪئي۽ واقعي جون وڊيوز پڻ موجود آهن.
ٻئي پاسي امت ڪمار پنهنجي ٽوئيٽس ۾ انهن جرنيلن ۽ بريگيڊيئرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ پيش ايندڙ پريشانين جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ مبينا طور تي اهڙن ماڻهن ڪئي جيڪي پاڻ به ڏوهه ۾ ملوث هئا.
ڪرنل امت ڪمار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ زور ڏنو ته هي ڪم منصوبا بندي سان ڪيو ويو جيڪو مجرماڻو عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن اسپتال ۾ واقعو پيش آيو، ان به اڃا تائين واقعي بابت تفصيل فراهم نه ڪيا آهن.
پنهنجن ٽوئٽس ۾ ڪرنل امت ڪمار ڀارتي فوج جي آفيسرن کي وائکو ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته مودي سرڪار جي نااهلي سبب هاڻي ڀارتي فوج مٿس دٻاءُ وجهي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.