ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر آفاق احمد صديقي سان بدسلوڪي ڪندڙ رينجرز اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪٽر ڪمانڊر طرفان سخت ادارتي ڪارروائيءَ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن. واقعي کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جي گڏجاڻي اسٽاف ڪلب ۾ ٿي جتي ڊاڪٽر آفاق صديقي سان پيش آيل واقعي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڊاڪٽر آفاق ٻڌايو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ۽ استادن جي تنظيم جي صدر ڊاڪٽر محسن علي فوري طور تي رابطو ڪري ايڪي جو اظهار ڪيو. رينجرز جي اعليٰ آفيسرن به صدر انجمن جي آفيس ۾ ڊاڪٽر آفاق سان ملاقات ڪري معذرت ڪئي ۽ مڪمل جاچ جي خاطري ڪرائي. شام جو ڊاڪٽر آفاق جي سيڪٽر ڪمانڊر سان ملاقات به ٿي، جتي کيس ٻڌايو ويو ته اهلڪار کي معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. استادن جي تنظيم جي جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فيصل اعواڻ موجب، ڊاڪٽر آفاق صديقي اداري جي اپائن تي اعتماد ظاهر ڪندي سڀني استادن، شاگردن ۽ عملدارن جا ٿورا مڃيا. اجلاس دوران سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف هلندڙ مهم جي سخت مذمت به ڪئي وئي. اجلاس ۾ صدر انجمن ڊاڪٽر محسن علي، ڊاڪٽر ندا علي، پروفيسر انتخاب الفت سميت ٻين استادن شرڪت ڪئي ۽ وائيس چانسلر صدر انجمن ۽ سيڪٽر ڪمانڊر جي اپائن جي ساراهه ڪئي وئي.