ڪراچي ۾ ٽي ٽي پي جا ٻه دهشت گرد مارجي ويا، آپگهاتي جيڪٽ هٿ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ هڪ ڳجهي ايجنسي جي گڏيل ڪارروائي دوران  ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان خودڪش جيڪٽ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، سي ٽي ڊي ترجمان موجب، خميس ڏينهن حب ريوَر روڊ تي موچڪو ٿاڻي جي حدن ۾ فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آسڪاني محلي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ خودڪش جيڪٽ کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، مارجي ويلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.