فرحان اختر”ڊان ٿري“ ۾ رنوير سنگهه سان مُک ڪردار نڀائيندڙ اداڪارا جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم سيريز ڊان جي ٽئين حصي بابت ڀارتي ميڊيا ۾ جاري افواهن ۽ اڳڪٿين جي وٺ وٺان ۾ فلمساز فرحان اختر نيٺ فلم جي هيروئن جي نالي جي تصديق ڪري ڇڏي.
ان خبر جو اعلان فرحان اختر جي پروڊڪشن هائوس ”ايڪسل انٽرٽينمينٽ“ طرفان هڪ ٻي فلم ”120 بهادر“ بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪيو ويو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فرحان اختر پنهنجي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم” ڊان ٿري“ جي تيارين ۾ رڌل آهي، جنهن جي شوٽنگ ايندڙ سال جنوري ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته فلم ۾ رنوير سنگهه ۽ ڪريتي سينن مُک ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ بابت اڃا تائين ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.
ان کان اڳ اِهي خبرون سامهون آيون هيون ته هيروئن لاءِ اداڪارا ڪِيارا آڏواڻي جي انڪار کانپوءِ مُک ڪردار لاءِ شروري واگهه، پريانڪا چوپڙا ۽ پوءِ ڪريتي سينن ڪا نالا سامهون آيا هئا.
ياد رهي ته ڊان ٿري ۾ رنوير سنگھه کي نئين ڊان طور پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن فلمي دنيا ۾ هڪ نئون تجسس پيدا ڪيو آهي.
فلم جي ڪهاڻي اڃا تائين ڳجهي کي ويئي آهي، پر اميد آهي ته اها به گذريل فلمن جيان عالمي سطح تي ڏوهن دنيا، دوکي ۽ طاقت جي استعمال تي ٻڌل هوندي.
واضح رهي ته ڊان ، بالي ووڊ جي مشهور ايڪشن ٿرلر فرنچائز ”ڊان“ جو ٽيون حصو آهي، جيڪا پنهنجي تجسس سان ڀرپور ڪهاڻي، اسٽائلش ڪردارن ۽ شاندار ايڪشن جي ڪري مشهور آهي.
ياد رهي ته ان فرنچائز جي شروعات 1978ع ۾ ٿي جڏهن امتاڀ بچن ڊان جي ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيو، ان کانپوءِ 2006ع ۽ 2011ع ۾ فرحان اختر ان ڪهاڻي کي نئين رنگ سان پيش ڪيو، جنهن ۾ شاهه رخ خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ فلم ڪاميابين جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.