پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، تلائن، ڍنڍن، برسات جي پاڻي ۾ وهنجڻ تي مڪمل پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت چوماسي جي تيز برساتن ۽ موجوده موسمي حالتن کي ڏسندي شهرين جي قيمتي جانين جي تحفظ لاءِ صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيمن، درياهن، ڍنڍن، تلائن، ڪينالن ۾ وهنجڻ ۽ ٻيڙي هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گهٽين، روڊن، کليل جاين ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ برسات جي پاڻي ۾ وهنجڻ تي به مڪمل پابندي هوندي، اهي قدم 30 آگسٽ 2025 تائين لاڳو رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.