ان ڳالهه کي ڀلي سٺو سمجهو يا خراب، پر هڪ لکڻ واري ٽول، سرچ انجڻ ۽ ڳالهه ٻولهه واري ساٿي طور چيٽ جِي پِي ٽِي جي واڌ ويجهه سان هاڻي انسانن جو پاڻ ۾ رابطي ڪرڻ جو انداز به گهڻي حد تائين تبديل ٿي ويو آهي.
گهٽ ۾ گهٽ جرمني سان واسطو رکندڙ ماهرن جو اهو ئي خيال آهي.
مڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ فار هيومن ڊيولپمينٽ جي تحقيق موجب، هاڻ انسان به چيٽ جِي پِي ٽِي جيان ئي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب گهڻي ڀاڱي اهو ڄاڻڻ ۾ مشڪل ٿي ويندو آهي ته توهان ڪنهن اَي آءِ چيٽ بوٽ سان ڳالهائي رهيا آهيو يا ڪنهن حقيقي انسان سان.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 18 مهينن دوران دنيا جي مختلف حصن سان واسطو رکندڙ ماڻهن چيٽ جِي پِي ٽِي جو استعمال ڪيو ۽ هاڻي اهي به اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ لڳا آهن، جن لاءِ ”جي پي ٽي لفظن“ جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته اڳ اهڙو رجحان ڏسڻ ۾ نه آيو هو.
محققن طرفان لکين اي ميلز، مقالا، تدريسي تحقيقي رپورٽون ۽ نيوز اسٽوريز چيٽ جِي پِي ٽِي تي اپلوڊ ڪري ان کي لکڻين کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ان کانپوءِ، انهن جائزو ورتو ته چيٽ جِي پِي ٽِي ڪهڙا لفظ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪري ٿو.
انهن لفظن کي 3 لک 60 هزار يوٽيوب وڊيوز ۽ 7 لک 71 هزار پوڊ ڪاسٽس جي مواد ۾ ٽريڪ ڪيو ويو.
محققن چيٽ جِي پِي ٽِي جي جاري ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ انٽرنيٽ تي موجود وڊيوز ۽ پوڊ ڪاسٽس ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جو تجزيو ڪيو.
محققن جيڪو دريافت ڪيو اِهو حيرت جوڳو، حقيقت ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ جي پي ٽي لفظن جو استعمال وڌي ويو آهي.
محققن جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته جيڪو انداز اَي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ محفوظ ڪيو ويو، اهو وري انسان جي ذهن ۾ منتقل ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ انسانن لاءِ هڪٻئي جي نقل ڪرڻ فطري عمل آهي، پر اسان هر ڪنهن جي نقل نه ڪندا آهيون، پر رڳو اهڙن ماڻهن جي نقل ڪندا آهيون جن کي اسان وڌيڪ ڄاڻو يا اهم سمجهون ٿا.
ماهرن وڌيڪ چيو ته هاڻي وڌ کان وڌ ماڻهو اَي آءِ جو رُخ ڪري رهيا آهن ۽ ان جو انساني ثقافت تي به اثر پئجي رهيو آهي.