اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو طوفان جاري، 100 انڊيڪس نين بلندين تي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي جو سلسلو جاري آهي.
اڄ خميس ڏينهن ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ۾ 2285 پوائنٽن جو واڌارو ٿيو، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 38 هزار 665 پوائنٽن جي رڪارڊ بلندي تي بند ٿيو، ڪارواري ڏينهن دوران انڊيڪس پنهنجي بلند ترين سطح هڪ لک 38 هزار 943 پوائنٽن کي ڇهيو.
اڄ مارڪيٽ ۾ 78 ڪروڙ شيئرز جا سودا 39.75 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 204 ارب رپيا وڌي 16617 ارب رپيا ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.