سرڪاري ملازمن کي شادي تي 10 موڪلون ڏيڻ جو فيصلو

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ سرڪاري ملازمن کي شادي تي ملندڙ موڪلن بابت نئون حڪم جاري ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي نائب صدر شيخ محمد بن راشد المڪتوم دبئي ۾ سرڪاري ملازمن کي شادي لاءِ 10 ڏينهن جي موڪلن جي منظوري ڏني آهي.
رپورٽ موجب فوجي اهلڪارن کانسواءِ موڪلن دوران ملازمن کي واپس نٿو گهرائي سگهجي ۽ فوجي اهلڪارن جي واپسي به اڻٽر حالتن تحت ٿيندي، جيڪڏهن ڪنهن فوجي کي موڪلن دوران گهرايو ويو ته پوءِ کيس اڳتي هلي بچيل موڪلون ڏنيون وينديون.
اختيارين موجب اهو قدم سرڪاري ملازمن جي خانداني زندگي کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.