ڪجهه عرصو اڳ ايپل پنهنجي ويب برائوزر سفاري ۾ ايڊريس بار کي مٿي کان هيٺ منتقل ڪيو هو، تنهن وقت ان تي تمام گهڻي تنقيد به ڪئي وئي هئي.
پر هاڻي گوگل به ساڳيو قدم کڻندي اينڊرائيڊ فونز لاءِ ڪروم برائوزر جي ايڊريس بار کي مٿي کان هيٺ آڻڻ وارو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
ڪمپني طرفان هن فيچر جو اعلان جون 2025 ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻي اِهو باظابطا طور تي متعارف ڪرايو ويو آهي.
هي فيچر 2023 کان آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ ڪروم برائوزر ۾ موجود هو ۽ هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به پيش ڪيو ويو آهي.
گوگل طرفان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ هي فيچر متعارف ڪرائڻ ۾ 2 سال ڇو لڳي ويا.
نئين فيچر ۾ واهپيدارن کي اِها آزادي هوندي ته هو پنهنجي مرضي سان ايڊريس بار جي جاءِ جو تعين ڪري سگهي.
ايڊريس بار کي اسڪرين تي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ تمام سولو آهي.
رڳو ايڊريس بار کي ڪجهه لمحن لاءِ دٻايو، پوءِ “Move address bar to the bottom” نالي هڪ آپشن نظر ايندو، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان ايڊريس بار هيٺ اچي ويندو.
اهڙي ريت توهان ان کي واپس هيٺ کان مٿي به آڻي سگهو ٿا.
ڪروم سيٽنگز کولڻ تي به “Address bar” نالي نئون آپشن نظر ايندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان ان کي مٿي يا هيٺ ڪري سگهو ٿا.
جيڪڏهن توهان کي ايڊريس بار کي حرڪت ڏيڻ پسند نه آهي ته ائين ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته هي هڪ اختياري( آپشنل(فيچر آهي، يعني توهان جي مرضي آهي ته استعمال ڪريو نه ته نظرانداز ڪري ڇڏيو.
پر اهو ضرور ڄاڻو ته برائوزر ۾ ايڊريس بار کي هيٺ آڻڻ ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اڪثر سمارٽ فونز جا ڊسپلي هاڻي ڪافي وڏا ٿيندا پيا وڃن ۽ مٿي موجود ايڊريس بار کي هڪ هٿ سان استعمال ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، جڏهن ته هيٺ موجود ايڊريس بار سان اهو ڪم سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿو.
سولن لفظن ۾ ايڊريس بار کي هيٺ منتقل ڪرڻ سان واهپيدار لاءِ ٽائپنگ وارو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.